روهڙيءَ جي لڙائي

روهڙيءَ جي لڙائي: ’تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: روهڙيءَ وٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ سندس ٻن ڀائرن ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان جي وچ ۾ جنگ لڳي. اها لڙائي 30 رمضان المبارڪ 1171هه/7 جون 1758ع تي روهڙيءَ کان ٻاهر امرڪس واهه جي ڪناري تي لڳي هئي. لڙائيءَ ۾ ڀائر آمهون سامهون ٿيا هئا. هن لڙائيءَ ۾ ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان جي فوج جا هزارين سپاهي مارجي ويا، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي امير راڄو ليکيءَ جو ڀاءُ راڄو حمزه پڻ مارجي ويو هو. ميان غلام شاهه لشڪر جي ٿورائيءَ باوجود مخالف ڌر کي شڪست ڏني. مير بهرام خان ٽالپر، جنهن جيسلمير ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو، سو روهڙيءَ جي لڙائيءَ وقت اچي ميان جي خدمت ۾ پهتو. ميان غلام شاهه سندس اڳوڻي خطا کي درگذر ڪيو ۽ مير بهرام خان کي قبول ڪيو. انهيءَ کانپوءِ مير بهرام خان جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ آيو. هن جنگ ۾ ميان غلام شاهه کي فتح حاصل ٿي.


لفظ روهڙيءَ جي لڙائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو